Wednesday 17 May 2017

چھڑی

 ہمارے دادا جان کافی بارعب شخصیت کے مالک تھے۔ درازقد ، سرپہ بوسکی کی پگڑی، شانوں پہ اجرک اور ہاتھ میں خوبصورت چھڑی، جو بھی انہیں دیکھتا متاثر ہوئے بغیر نہ رہ پاتا ، گا‌ؤں کے اکثر لوگ ان کے اس انداز کی نقل کرتے اور ان جیسا حلیہ اپناتے۔
ایک مرتبہ دادا جان کسی دعوت میں مدعو تھے تو گاؤں کا ایک شخص جو ان کی نقل کرتا تھا وہ بھی شرکت کے لیئے پہنچا وہی انداز اور انہی کی طرح چھڑی پکڑے۔
 داداجان نے اس کے  ہاتھ میں چھڑی دیکھ  کر کہا، " یارمحمد کمال کی چھڑے ہے تمہارے پاس مجھے دوگے، یہ سن کر وہ شخص بولا چاچا جی یہ معمولی چھڑی نہیں ہے نہایت ہی قیمتی لکڑی سے بنی ہے اور بہت ہی مضبوط ہے ۔
دادا جان اس کا جواب سن کر مسکرانے لگے اور بولے، "بیٹا چھڑی ہمیشہ کمزور رکھنا مضبوط چھڑی مضبوط ہاتھوں میں ہی اچھی لگتی ہے کسی مصیبت کے موقع پر یا کسی جھگڑے میں اگر تمہارا مقابل تم سے زیادہ طاقتور نکلا اور تم سے چھڑی چھین لی تو تب تک تمہاری درگت بناتا رہے گا جب تک چھڑی ٹوٹ نہ جائے، لہذہ چھڑی کمزور ہی اچھی۔
ہمارے دبنگ وزیر داخلہ چودھری نثار صاحب کو دیکھ کر مجھے یہ واقعہ یاد آگیا ان کے ہاتھ میں بھی آج کل نہایت مضبوط چھڑی ہے  جسے آج کل وہ اپنے سیاسی مخالفین کے خلاف استعمال کرتے نظر آتے ہیں ، خاص طور پہ سوشل میڈیا  پہ موجود مخالفین ان کے زیرعتاب ہیں۔
گھٹن کے اس ماحول میں سوشل میڈیا ٹھنڈی ہوا کا اک جھونکا ثابت ہوا ہے جس کی بدولت روایتی زرائع ابلاغ کی جانب سے
 نظرانداز کبئے گئے معاشرے کے  پسے ہوئے اور کمزور طبقات اپنے غموں کو اور معاشرتی ناانصافیوں کو بیان کرتے نظرآتے ہیں
مگر چودھری صاحب  اس پر بھی قدغن لگانا چاہتے ہیں اور سائبر کرائم ایکٹ کی چھڑی سے اپنے مخالفین کو کبہی توہین مذہب کا الزام لگا کر تو کبہی اداروں کی تضحیک کے نام پر قابو میں لانا چاہتے ہیں لیکن وہ شاید اس حقیقت کو بھول چکے ہیں کہ اقتدار اور طاقت کی یہ چھڑی ہمیشہ کسی ایک کے پاس نہیں رہتی  جس دن آپ  کا سامنا آپ سے زیادہ طاقتور قوت سے ہوا اور یہ چھڑی آپ کے بجائے اس کے ہاتھ آگئی تو جو آپ کا حشر ہوگا وہ آپ جیسوں کے لیئے مثال ہی نہ بن جائے۔

Friday 4 March 2016

بسنت

فصلِ گل ہے مجرم ٹھری، ایسی دیس میں ریت چلی
باغی کہلائیں گے ، اب کہ باغ میں جو بھی کھلے

Wednesday 24 February 2016

غزل 

آنکھ پر نم رہے تو اچھا ہے
عکس دل پتلیوں میں دکھتا ہے

سلوٹیں پڑگئیں چٹانوں میں
عزم دریا ایسا پختہ ہے

باندہ لے رخت سفر،  دیر نہ کر
وقت کب کس کے لیئے رکتا ہے

ہوئے مایوس خریدار خرد
سودا سستا یہاں نہ بکتا ہے

Tuesday 23 February 2016


اڄ جو شعر
ڏسي ڏک مَ ڏڪ، صبر کي سنڀار
املھ ۽ اڱار، فرق فقط ايترو

زندگي


"ساجده! ڌيءَ اُٿ ته هلون". مريم پنهنجي ڌيءَ ساجده کي سڏ ڪيو.
"جي امان اچان ٿي" ، ساجده وراڻيو ۽ جلدي سان وڏي گندي مٿي تي ڪري ماءُ سان گڏهلڻ لڳي،
  مريم جي ڪهاڻي ڏکايل ڌرتي جي انهن  لکئين ماڻهن کان مختلف ناهي جن کي پنهنجي سخت محنت سان هاريل پگھڙ سان پنهنجي پيٽ جي باه وسائڻي پوندي آ.هن جي مڙس خميسي کي ڪو مستقل روزگار ڪونه هو بس هوائي روزي هئي جنهن جي سهاري گھر هلڻ ڏکيو هو، کيس ٻه ننڌا پٽَ ڪاشف ۽ آ صف به هئا جيڪي اڃا ٻالڪپڻ جي بي فڪر دور مان گزري رهيا هئا، مريم سيٺن جي گھرن ۾ ٿانو ٻوهاري جو ڪم ڪري پنهنجي ڪٽنب جي پالنا ڪندي هئي.
 هن ڏينهن هو جيئن ئي سيٺ احمد جي گھر جو گيٽ اورانگھي اندر داخل ٿي ته ڏٺائين ته سيٺ احمد جي گھرواري عاصمه بيگم ٻارن سان گڏ ڪار وٽ بيٺل هئي.
 "شڪر آ مريم تون جلدي اچي وئين". عاصمه بيگم مريم کي  ڏسندي ئي چيو.
"جي باجي توهان جلدي اچڻ لئي چيو هو سو اچي ويس "، مريم وراڻيو، 
"ٻڌ تون جلدي سان گھر جي صفائي شروع ڪر عيد ۾ مس ست ڏينهن بچيا آهن، آئون ٻارن کي عيد جي شاپنگ لاءِ پئي وٺي وڃان جيسي موٽان تون گھر ۾ ئي هجان"، عاصمه بيگم ڪار ۾ ويهندي مريم کي حڪم ڏنو ۽ مريم جي باجي چئي گھر جي اندر هلي وئي.
شام جو ڪم اڪلائي جڏهن هوءَ گھر پهتي ته سندس ٻئي پٽ هن جا منتظر هئا، ماءُ کي ڏسندي ئي هن سان چنبڙي پيا، "امان هل ته بازار هلون عيد جا ڪپڙا وٺڻ" ، ڪاشف ماءُ کي چيو.
"ها منهنجا سهڻا پٽ تو لاءِ کوڙ ڪپڙا ، سڀاڻي مان پاڻهي وٺي ايندس" عاصمه ٻنهي  پٽن کي نرڙ تي چمندي چيو ته هنن جا مک خوشي مان ٻهڪڻ لڳا،
ٻئي ڏينهن  وري مريم سيٺ احمد جي گھر پهتي ٿانو ڌوئي جڏهن مريم ڪچن کان ٻاهر نڪتي ته ڏٺائين ته عاصمه بيگم لائونج ۾ ٽي وي پئي ڏسي ، هوءَ به اچي عاصمه جي صوفي سا ٿورو ويجهو ٿي فرش تي ويهي رهي،
"باجي توهان سان هڪ ڳاله ڪرڻ اٿم"، مريم بيگم عاصمه کي چيو،
"ها چئو"، عاصمه ٽي وي تان ڌيان هٽائي مريم ڏانهن مخاطب ٿي،
"باجي توهان کي ته خبر آهي ته عيد پئي اچي منهنجا ٻچا عيد جي نون ڪپڙن لاءِ ضد پيا ڪن پر مون وٽ ايترو ڏوڪڙ ناهي جو آئون پنهنجي ٻچن جي عيد ڪيان، توهان ڪجه پئسا اوڌر ڏيو پوءِ ڀلي پگهار مان ڪٽي ڇڏجو"، مريم ڏاڍي عاجزي سا عاصمه بيگم آڏو پنهنجي عرضي رکي،
"ڏس مريم تون ته ڄاڻي ٿي ته  شهر جون حالتون ڪيتريون نه خراب آهن تنهنجي صاحب جو ڪاروبار ته صفا بند لڳو پيو آهي آئون في لحال تنهنجي مدد نٿي ڪري سگھان". عاصمه جو اهڙو رکو جواب ٻڌي مريم ماٺ ٿي وئي ۽ ڪم ختم ڪري گھر موٽي آئي،
ماءُ جي انتظار ۾ ويٺل  ٻارڙن جڏهن ماءُ کي هٿين خالي ڏٺو ته ماٰءُ ڏانهن وڌڻ بدران اتي ئي ويٺا رهيا.
مريم به مايوس قدمن سان پنهنجي ٻچن سان اکيون ملائڻ کان سوا ئي رڌڻي ڏانهن وڌي وئي،رات جو سمهڻ لاٰءِ جڏهن هوءَ کٽ تي ليٽي ته ٻنهي پٽن جا مايوس چهرا سندس اکين آڏو ڦرڻ لڳاهو سوچڻ لڳي ته جڏهن چنڊ سڀني لاءِ آهي ته پوءِ عيد ڇو نه، پنهنجي ٻچن جون ننڌڙيون خوشيون پوريون ڪرڻ به هن جي وس کان ٻاهر هو.پنهنجي مجبورين جي باري ۾ سوچيندي سوچيندي الائي ڪيڏي مهل هن کي ننڊ اچي وئي.
صبح جو معمول جي مطابق پنهنجي گھر جا ڪم اڪلائي هو سيٺ احمد جي گھر ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿي ته در تي ٺڪاءُ ٿيو، "خميسو قابرو آهي".
کٽ تي ويٺل خميسو هن کي بيهڻ جو اشارو ڏئي ٻاهر نڪري ويو، ڪجه گھرين کان پوءِ جڏهن خميسو موٽيو ته هن جي هٿن ۾ ڪجه ڏوڪڙ ۽ اکين ۾ ڏک ۽ پريشاني هئي. 
"ڪير هو ٻاهر ۽ هي هيترا سارا ڏوڪڙ ڪنهن ڏنا اٿئي، مڙس جي چهري تي لکيل پريشاني ڏسي هن پڇيو".
"مريم خير ناهي  تنهجي سيٺ احمد جي بنگلي تان ماڻهو آيو هو احمد صاحب جو رات ڪار ايڪسيڊنٽ جي ڪري انتقال ٿي ويو آ، هن جي ڀاٰءُ مونکي قبر تيار ڪرڻ لاءِ چورايو آ هي پئسا ايڊوانس طور موڪليا اٿس" ،  خميسي پنهنجي سامهون بيٺل مريم کي تفصيل ٻڌائي، "يا الله رحم ، هي ڇا ٿي ويو". مريم خميسي جي ڳاله ٻڌي جيئن سيٺ احمد جي بنگلي ڏانهن وڃڻ لڳي ته  هن جي پويان بيٺل پنهنجي معصوم پٽ آصف جو سڌ ٻڌي سڪتي ۾ اچي وئي، "امان هاڻ ته اسان عيد جا نوان ڪپڙا ضرور وٺنداسين ڏس بابا وٽ ڪيترا سارا پئسا آهن".........